اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پرڏيه?? آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 12 کان 13 نومبر جمهوريه آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڪوپ 29 جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ڪابينا جا ٻيا ميمبر ۽ لاڳاپيل عملدار وزيراعظم سان گڏ هوندا. ??رج??ان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوپ 29 جي موقعي تي عالمي ا??وا??ن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. هن چيو ته باڪو ۾ ڪوپ 29 جو انعقاد هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن دنيا ۾ موسمياتي تبديلي سان ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن.