اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪڙمه ۾ فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ ??اران جاري بيان موجب وزيراعظم فائرنگ جي مٽاسٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن نائب صوبيدار طيب شاهه، لانس ??ائيڪ گلاب زمان، لانس ??ائيڪ مزمل محمود ۽ لانس ??ائيڪ حبيب الله جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي جوانن جون قربانيون هرگز ضايع نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي.