اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر مح??د اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ٽ?? جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي. ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽارٽ اپ سمٽ لاءِ وڊيو پيغام ۾ ناڻي واري وزير مح??د اورنگزيب چيو ته معاشي ترقي کي بهتر ڪرڻ لاءِ ادارن وچ ۾ رابطا مضبوط هجڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته جڏهن مختلف حڪومتي، مالي??تي ۽ ڪاروباري ادار?? هڪ ٻئي سان موثر انداز ۾ رابطي ۾ هوندا آهن ته ان سان منصوبه بند?? ۽ ??مل جي رفتار ۾ بهتري ايندي آهي. ان سان نه رڳو فيصلا جلدي ٿيندا آهن پر وسيلن جو درست ۽ موثر استعمال به ممڪن ٿئي ٿو، جيڪو اقتصادي ترقي کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته ادارن وچ ۾ مضبوط رابطو ۽ سهڪار پاليسيون لاڳو ڪرڻ، سيڙپڪارن جي سهولت ۽ عوامي ڀلائ?? جي پروگرامن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ، معيشت جي بهتري لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته شين کي بهتر ڪرڻ لاءِ ادارن وچ ۾ رابطو مضبوط هجڻ انتهائي ضروري آهي. آءِ ٽي ذريعي ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو. مالي??تي شموليت ۾ ٽيڪنالاجي انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندي. مح??د اورنگزيب چيو ته گذريل هفتي رياض ۾ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ٿي، رياض ۾ منعقد ڪانفرنس جو ٿيم آرٽيفيشل سپر انٽيليجنس هو. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي سطح تي سيڙپ جي فراهمي ۾ فني درستگي آئي آهي، معيشت ۾ بهتري لاءِ قدم کڻڻ پهرين ترجيح آهي، شيون بهتر ٿي رهيون آهن پر سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ ۽ ان ۾ تسلسل برقرار رکڻ آهي، نجي شعبن جي ذميواري آهي ته اهي ڪمن کي توسيع ڏين.