اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ اسپين انجنيئرنگ، هاءِ ويز، اوور هيڊز سميت ٻين شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار ۾ واڌ ڪري سگهن ٿا، پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ??سي?? سيڙپڪاري جي موقعن ۽ وڌيڪ پُرڪشش منافعي جي آڇ ڪندو آهي. وفاقي وزير اسپين جي سينيٽ ميمبرن جي ??فد ڪالهه هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اسپين جي سينيٽ افيئرز ڪميٽي جي ميمبرن وفاقي وزير عبدالعليم خان سان گڏيل دلچسپي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ??فد ۾ اسپين جي سينيٽرن ويڪنٽ ايزپيٽيراٽ، نطاليه اسيرو، انٽونونيوگتريز ۽ لوئيس ڊي لاپينا شامل هئا. وفاقي وزير ملاقات ۾ اسپين ۾ سينيٽ ميمبرن جي چونڊ، ورڪنگ ۽ اداري جي ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ملڪ جي ڀيٽ ۾ سيڙپڪاريءَ جا ??سي?? موقعا موجود آهن جڏهن ته هتي منافع جي شرح به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مسئلن باوجود پاڪستان مختلف شين جي وڏي مارڪيٽ ۽ بزنس جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو. وفاقي وزير سيڙپڪاري ??فد کي ٻُڌايو ته اڄ به پاڪستان کي ڪيترن ئي ش??ن ۾ انفراديت حاصل آهي ۽ قومي روانگي واپار ۾ واڌ جا ??سي?? امڪان موجود آهن. هسپانوي سينيٽرن وفاقي وزير سان ايندڙ مهيني ايڪسپو ايونٽ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير اسپين جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪندي چيو ته ان حوالي سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ بي ٽو بي تحت وڏي پيماني تي ٻه طرفي سرگرمين جي شروعات ٿيڻ گهرجي. عبدالعليم خان چيو ته اسان کي گڏيل واپار ۽ سهڪار جا دروازا کولڻا آهن، ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪ- اسپين ڀائيواري ڪري سگهجي ٿي. ملاقات دوران پاڪستان ۾ اسپين جي سفير پاڪستان ۾ پنهنجي قيام جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير عبدالعليم خان کي پنهنجي تاثرن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستاني چانور، ڪپهه، انبن ۽ ٻين پيداواري ش??ن جو به ذڪر ڪيو.