لاهور – 27 نومبر (اي پي پي ) مشهور افسانه نگار بانو قدسيه ??و 96 هون جنم ڏينهن 28 نومبر خميس تي ملهايو ويندو. راجه گدهه جهڙي شاهڪار ناول جي ليکڪه بانو قدسيه 28 نومبر 1928ع تي اوڀر پنجاب جي ضلعي فيروزپور ?? پيدا ٿي ۽ هندستان جي ورهاڱي بعد لاهور اچي وئي. اردو ادب سان تمام گهڻي لڳاءَ سبب هن اردو ۾ ڪيترائي ناول لکيا جنهن ۾ راجه گدهه ۽ امر بيل ايترا ته گهڻا مشهور ٿيا جو سندس نالو بهترين ناول نگارن ۾ شامل ٿي ويو. بانو قدسيه ??سٽيج شو ۽ ٽيلي ويزن لاءِ پڻ ??نجابي ۽ اردو زبان ۾ ڊرامه اسڪرپٽ لکندي هئي. سندس پهترين لکڻي ۽ ادب ۾ بهترين ڪارڪردگي تي 1983ع ۾ پاڪستان حڪومت طرفان کيس هلال امتياز ۽ 2010 ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو. جڏهن ته هن 2012ع ۾ ڪمال فن ايوارڊ پڻ ??نهنجي نالي ڪيو. بانو قدسيه ??ديد بيماري سبب 4 فيبروري 2017ع تي لاڏاڻو ڪري وئي.