اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) بچاءُ ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. وفاقي وزير مع??ز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ۽ علائقائي ۽ عالمي جاگرافيائي سياسي صورتحال تي گڏيل افهام ۽ تفهيم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل عقيدي، ثقافت، قدرن، تهذيب ۽ تاريخي رابطن، گڏيل اعتماد ۽ حمايت تي ٻَڌل مثالي ڀائراڻه ناتا آهن. هن ڪيترن ئي فورمن تي پاڪستان لاءِ ترڪيه جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته و??ندڙ دفاعي تعاون اسان جي ٻه طرفن ناتن جو هڪ اهم پ??لو آهي جنهن جي خاصيت گڏيل منصوبي، گڏيل مشق ۽ فوجي تربيت آهي. ٻنهي ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ناتن ۽ گڏيل فائديمند شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جو عزم ڪيو.