رياض – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ۽ فرانس جي صدر ايمانوئل م??ڪر??ن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترقي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حوالي سان رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهشن جو پڻ ورجاءُ ڪيو آهي. ??زي??اعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي فرانس جي صدر ايمانوئل م??ڪر??ن سان ٻطرفي ملاقات ٿي. ??زي??اعظم رياض ۾ ون واٽر سمٽ جي ڪامياب گڏيل ميزباني تي صدر م??ڪر??ن کي مبارڪباد ڏني. موسمياتي تبديلي ۽ ترقياتي معاملن ت?? فرانس جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي ??زي??اعظم 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ صدر م??ڪر??ن جي پاڪستاني عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترقي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان فرانس لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪندي مختلف شعبن بشمول سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري سان گڏوگڏ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ??زي??اعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ فرانس کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن خاص طور تي موسمياتي موافقت ۽ قابل تجديد توانائي مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. هن گڏيل دلچسپي جي سمورن علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حوالي سان رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو.