اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ عدم پيروي ۽ ٻين سببن جي بنا تي ڪيترائي ڪيس اُڪلائي ڇڏيا. سپريم ڪورٽ آف پ??ڪس??ان جي آئيني بينچ آئيني معاملن بابت گذريل ڏينهن ڪيترن ئي ڪيسن جي ٻ??ڌڻ?? ڪئي ۽ اڪثر درخواستن کي ڪن??ن نه ڪن??ن سبب سان رد ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ درخواستن کي دائمي ترتيب ۾ ٻ??ڌڻ??ءَ لاءِ مقرر ڪيو ۽ اڪثر پُراڻن ڪيسن جا درخواستگذارن طرفان عدم پيروي سبب انهن کي اُڪلائڻ جا قدم جاري رکيا. آئيني بينچ عام چونڊ 2024ع ۾ مبينه ڌانڌليءَ بابت 3 درخواستون عدم پيروي سبب اُڪلائي ڇڏيون. ٻ??ڌڻ?? شروع ٿيڻ تي درخواستگذار عبدالقيوم خان، محمود اختر نقوي ۽ ميان شبير عدالت ۾ موجود نه هئا. آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني طرفان داخل درخواست جي ٻ??ڌڻ?? ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن جي ٻ??ڌڻ?? ها??ي سپريم ڪورٽ ۾ سياري جي موڪل کانپوءِ ٿيندي. پي ٽي آءِ بانيءَ جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ فيبروري 2024ع ۾ ٿيل عام چونڊ ۾ مبينه ڌانڌليءَ خلاف پنهنجي درخواست کي ملتوي ڪرڻ جي گذارش ڪئي جنهن تي بينچ درخواست منظور ڪري ورتي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ آئيني بينچ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج مظاهر علي اڪبر نقوي جي پ??ڪس??ان جوڊيشل ڪميشن طرفان ان کي شوڪاز نوٽيس جي خلاف درخواست تي به اُڪلائي ڇڏي. واضح رهي ته مظاهر علي نقوي کي پ??ڪس??ان جوڊيشل ڪميشن بدانتظامي جي بنياد تي سپريم ڪورٽ جي جج جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو. مظاهر نقوي جي وڪيل عدالت ۾ گذارش ڪئي ته سندس مؤڪل سان رابطو قائم ناهي ٿيو ۽ رابطو ڪرڻ ۽ مشوري لاءِ وقت ڏنو وڃي، جڏهن ته عدالت ان درخواست کي رد ڪري ڇڏيو ته ڪيس ۾ ڪابه نئين اڳڀرائي ناهي ٿي ۽ پ??ڪس??ان جوڊيشل ڪميشن پهريائين کي پنهنجو فيصلو ٻُڌائي چڪي آهي.