اسلام ??باد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پ??ڪستان هن سال گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي يورپ ۾ پنهنجي حصيدارن سان تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکي، ??سا?? جو ڌيان اقتصادي تعاون کي وڌائڻ، موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تعاون ڪرڻ ۽ اعليٰ تعليم ۽ روزگار جا موقعا ڳولڻ تي مرڪوز رهيو. پريس بريفنگ ۾ ??ن چيو ته ڪيترن ئي يورپي ملڪن سان ليبر مائيگريشن، پائيدار بنيادي ڍانچي جي منصوبن، سول ايوي ايشن ۾ فني تعاون ۽ گرين پارٽنرشپ کي فروغ ڏيڻ تي اهم مفاهمتون طئي ٿيون. ترجمان چيو ته يورپي يونين پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) تي هنيل چار سالن جي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ پي آءِ اي جي يورپ جون لاءِ اڏامون بحال ٿي ويون آهن. ??ن چيو ته پ??ڪستان وسيع تر خطي ۾ پڻ اڏامن جي بحالي جي لاءِ غيريورپي يونين جي ملڪن سان مصروف عمل آهي.