ڪوئيٽه-26 ڊسمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته 27 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪ??و ويو. محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي چئني صوبن جي زنجير ۽ فيڊريشن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙو اظهار هن ڪالهه ”اي پي پي“ سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته محترمه جو ويزن ۽ نظريو اڄ به زندهه آهي. محترمه پاڪستان جي عوام جي حقن جي جنگ وڙهي ۽ سندس قيادت پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو آهي. محترمه کي شهيد ڪ??و ويو پر سندس نظريو ۽ ويزن اڄ به اسان جي د??ين ۾ زندهه آهي.