اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪندڙن کي معاشري ۾ قدر جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. ڪي پي ڪي ۾ ان حوالي سان سماجي فلاحي تنظي??ن جي متحرڪ ڪردار جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم اي?? جي هيڊ آف آپريشن آصف چشتي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن هن سان خاص ملاقات ڪئي. مسلم ايڊ پاران ڪي پي ڪ?? جي علائقي چترال ۾ ٻوڏ متاثرن ۽ اپر لوئردير ۾ تنظيم جي فلاحي ڪ??ن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. گورنر چيو ته ڪي پي ڪ?? جي ڏکڻ وارن ضلعن ڊيره اسماعيل خان، ٽانڪ، لڪي، بنون، ڪرڪ ۽ وزيرستان جا رهواسي پڻ سماجي تنظي??ن جي امداد جا منتظر آهن. ملاقات ۾ ڪي پي ڪي خاص ڪري ڪرم جي متاثرن کي رمضان المبارڪ کان اڳ ??ائ?? پيئڻ جو سامان ۽ خيما فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انجمن هلال احمر ڪي پي ڪي جو چيئرمين حبيب ملڪ اورڪزئي پڻ ان موقعي تي موجود هو.