اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪور?? جي رجسٽرار محمد سليم خان چيو آهي ته سپريم ڪور?? جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي عهدو سنڀالڻ کان وٺي عد??لت?? ڪاررواين ۾ درپيش چئلينجز جي نشاندهي ۽ انهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ انصاف جي شعبي جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ذهن سازيءَ کي ترجيح ڏني آهي، جامع سڌارا جاتي ايجنڊا جو مقصد سپريم ڪور?? جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ، عالمي انصاف جي انڊيڪس تي عدليه جي مقام کي بلند ڪرڻ آهي، هي سڌارا عد??لت?? عمل کي ڊجيٽل بڻائڻ، رسائيءَ کي بهتر بڻائڻ، طريقيڪار کي هموار ڪرڻ، احتساب کي يقيني بڻائڻ ۽ عد??لت?? ڪاررواين ۾ وڌيڪ شفافيت کي هٿي ڏيڻ تي ٻَڌل آهن. سپريم ڪور?? جي سڌ سماءَ واري شعبي طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اهڙو اظهار هن ناليواري ترقياتي ماهر شير شاهه سان گڏ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي مختلف سيڪشنز جي سربراهن سان هڪ انٽرا ايڪٽوسيشن جي موقعي تي ڪيو. سيشن دوران سپريم ڪور?? جي رجسٽرار سليم خان شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي. ترقياتي ماهر شير شاهه ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سڌارا نه صرف ??لت??ا هيٺ ڪيسن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا آهن پر ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ به آهن ته اصيلن کي وقت سر ۽ مؤثر انصاف ملي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قانوني چاره جوئي ڪندڙ نظام انصاف جا بنيادي اسٽيڪ هولڊرز آهن ۽ انصاف لاءِ اداري جي عزم کي اجاگر ڪرڻ ۽ سافٽ اميج کي هٿي ڏيڻ لاءِ اصيلن سان انتهائي احترام سان پيش اچڻ گهرجي. هن چيو ته عوامي اعتماد کي بحال ڪرڻ ۽ عدليه کي هڪ ڀروسي جوڳي اداري طور نمايان ڪرڻ لاءِ اصيلن لاءِ باعزت ۽ انصاف ڀريو سلوڪ ضروري آهي ته جيئن هي ادارو انصاف ۽ احترام جي علامت طور پنهنجي ڪردار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم رهي. سيشن ۾ سڌارن جي مُک شعبي آءِ ٽي سميت بنيادي ڍانچي ۾ ترقي، ڪيس مئنجمينٽ سسٽم ۾ بهتري، عملي لاءِ صلاحي?? جي تعمير ۽ تربيتي پروگرامن جو تعارف، سپريم ڪور?? جي آفيشل ويب سائٽ تي دستياب ”آن لائن فيڊ بيڪ فارم اسٽيڪ هولڊرز جي مصروفيت عد??لت?? سڌارا“ جاري ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هي پليٽ فارم عوام کي خدمتن جي فراهميءَ کي وڌائڻ ۽ بامعنيٰ مصروفيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ تج??يزن ۽ بصير?? جي ڀائيواري ڪرڻ جي دعوت ڏي ٿو. فيڊ بيڪ فارم https://scp.gov.pk/Feedback.aspx تان حاصل ڪري سگهجي ٿو. آءِ ٽي ڊائريڪٽوريٽ چيف جسٽس جي اڳواڻيءَ ۾ حاصل ٿيل اڳڀرائي جي باري ۾ اپ ڊيٽس پڻ پيش ڪيون، جنهن ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز جي انضمام ۽ عد??لت?? عمل کي وڌيڪ رسائي جوڳو ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ ميڪنزم جي قيام تي روشني وڌي. اهي قدم انتظامي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ هڪ جوابده ۽ ڀروسي جوڳو انصاف واري نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ عدليه جي عزم سان هم آهنگ آهي.