اسلام آباد ??? 16 – جون (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ب??وچستان جي ترقي سان مشروط آهي، حڪومت بلوچستان ۾ س?? پيڪ جي ترقياتي منصوبن تي ترجيحي ب??يادن تي ڪم ڪري رهي آهي، بلوچستان جو اصل اثاثو باصلاحيت بلوچ نوجوان آهن، حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ ليپ ٽاپس فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جعفر خان مندوخيل جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي 8 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ جمال شاهه ڪا??ڙ، سردار يعقوب ناصر، آغا شاهه زيب دراني، عامر افضل مندوخيل، چوڌري نعيم، نصير اچڪزئي ۽ ظهير خان ڪاڪڙ شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ بلوچستان جي لاءِ خصوصي منصوبا شامل ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.