اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قانون موجب محمد نواز شريف جي واپسي جي ضمانت گهري وئي آهي، اسان هڪ بيمار شخص جي صحت تي سياست ڪرڻ جا قائل نه آهيون، شهباز شريف انا جي خول مان نڪري ڀاءُ جي صحت تي ذميواراڻو رويو اختيار ڪري، سياس?? پوءِ به ٿيندي رهندي جڏهن ته انساني جان وڌيڪ قيمتي آهي، مولانا فضل الرحمان جو پلان بي به پلان اي وانگر ناڪام ۽ نامراد ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد هاءِ ڪ??رٽ ۾ پيشي کانپوءِ عدالت ٻاهران صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪيو.