اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي تعميراتي صنعت کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، موجوده حڪ??مت ٽيڪنالاجي ??ي استعمال تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪاروباري سرگرمين ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ، بدعنواني جي روڪٿام ۽ شفا??يت يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل پراسيس شروع ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انجنيئر ارشد داد خان جي قيادت ۾ ڪنسٽرڪشن ا??سو??يئيشن آف پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد وزيراعظم عمران خان سان وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي.