اسلام آباد – 09 ڊسمبر (??ي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال، ايف بي آر کا?? لاڳاپيل عدالتن ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن ۾ اڳڀرائي، پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستانين طرفان موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي جي حوالي سان مراعتن، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي، معشت جي ثمرن کي عوام تائين پهچائڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ سميت ٻيا اهم معاملا غور هيٺ آيا. اجلاس کي خطاب ڪندي ??زي??اعظم چيو ته ملڪي معيشت جي استحڪام جي حڪومتي ڪوششن جا بهتر نتيجا نڪتا آهن، هن چيو ته اقتصادي انگن اکرن جي لحاظ سان سنگين مشڪلاتن ۾ گهيريل معيشت ۾ اڄ واضح استحڪام نظر اچي رهيو آهي.