اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو کي هر ممڪن ر??يف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجي?? آهي، کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ عوام سان ظلم آهي، ملاوٽ جي نتيجي ۾ سنگين مرضن جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، ملاوٽ جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪ??ي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، ملاوٽ ڪندڙ عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، اهڙن عنصرن جي خلاف ڀرپور ايڪشن کنيو وڃي، وڏن شهرن ۾ ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزي جي خاتمي تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين (اٽو، گيهه، کنڊ، دالين، ڀاڄي وغيره) جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان اعلي?? سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو