اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ ن??ريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت سرڪاري ادارن کي م??افعو ڏيندڙ بڻائڻ جي لاءِ سڌارا آڻي رهي آهي، رياستي ادارن جي شفاف ۽ منافعي ڏيندڙ نجڪاري تحريڪ انصاف جي حڪومت جو عزم آهي ۽ اهو وزيراعظم جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ملڪ ۾ نجڪاري جو عمل شروع ٿي?? وڃي رهيو آهي، ادارن جي شفاف نجڪاري ڪري م??افعو بڻائي عوامي ڀلائي جي لاءِ استعمال ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجڪاري واري وزير محمد ميان سومرو سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.