بيجنگ – 16 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو بيجنگ پهچڻ تي چين جي زراعت ۽ ڳوٺاڻي معاملن واري وزير هان چنگ فو، چين ۾ پاڪستاني سفير نعمانه عالمگير هاشمي ۽ ٻين چيني ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن استقبال ڪيو ۽ چين جي پيپلز لبريشن آر??ي جي دستي گارڊ آف آر??ر پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ ۽ ٻين چيني اڳوا??ن سان جدا ملاقاتون ڪندو.