اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٻن مهينن اندر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ لائين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو، ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري نيشنل هيلپ لائين نمبر جي ذريعي فوري مدد حاصل ڪري سگهندا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب موٽر وي سانحي جي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان وڏو فيصلو ڪندي نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پي ايم ڊليوري ي??نٽ کي اهم ٽاسڪ سونپيو ويو آهي، پي ايم ڊليوري ي??نٽ نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر تي ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين جي ??اء?? ڌار نظام جوڙيو ويندو، ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ سڄي ملڪ جي ??اء?? هڪ ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر هوندو، وزيراعظم نيشنل هيلپ لائين نمبر جي قي??م کي ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس موجب ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ لائين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو. نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٽول فري هوندو، نيشنل هيلپ لائين نمبر سان ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري جي فوري مدد ممڪن ٿيندي، نئين سسٽم ۾ جديد ٽيڪن??لا??ي جو استعمال ڪندي ملڪ جي سڀني موبائيل ڪمپنين کان مدد حاصل ڪئي ويندي ۽ نظام کي موثر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي ??اء?? قانونسازي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ قانونسازي جي ??اء?? صوبن سان به مشاورت ٿيندي.