اسلام آباد ??? 15 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي بابت ڪابينا ??ميٽي (سي سي او سي) جو اجلاس منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي س??ارن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، توانائي بابت ڪابينا ??ميٽي اتر ڏکڻ گئس پائپ لائن پراجيڪٽ تي عملدرآمد جي صورتحال ۽ پاور پلانٽس جي لاءِ هائي سلفر فرنس آئل (ايڇ ايس ايف او) ۽ لائٽ سلفر فرنس آئل (ايل ايس ايف او) جي گهرج جو جائزو ورتو، توانائي بابت ڪابينا ??ميٽي سردي جي موسم جي مهينن لاءِ توانائي واري وزارت پاران پيش ڪيل فرنس آ??ل جي ضرورتن جو جائزو ورتو، ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي ته سردي جي موسم دوران لوڊ ۾ گهٽتائي کانسواءِ صنعتي ۽ رهائشي گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي وڃي، ڪابينا ??ميٽي وزارت کي هدايت ڪئي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته فرنس آ??ل جي ضرورت جي جائزي کان اڳ قابل تجديد توانائي ۽ ڪوئلي سميت ٻارڻ جي ٻين وسيلن جي وڌ کان وڌ استعمال کي يقيني بڻائي.