اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اقتدار کان محرومي مخالف ڌر کي ذهني طور تي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، استعيفيٰ ڏيڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ پي ڊي ايم جا جلسا ملتوي ڪرڻ ثابت ڪري ٿو ته هي سياسي ڪنفيوزڊ آهن، پاڪستان جي عوام پي ڊي ايم خاص طور تي مسلم ليگ (ن) جي ذاتي مفاد جي تحفظ جي ايجنڊا کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات ۽ نش??يات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته هي ڄاڻي وٺن ته عوام ڪرپشن جي حمايت ۾ نه پر ڪ??پشن جي خلاف نڪ??ندي آهي، عمران خان جي ڪرپٽ نظام ۽ ان جي بينيفشريز جي خلاف جنگ پوري قوت س??ن جاري رهندي. هن چيو ته عمران خان جي بغض ۾ هي لکين جتن ڪري وٺن، عوام انهن جي ڪنهن تحريڪ سان گڏ نه آهي ۽ نه ئي هوندي.