اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد ??اد?? سنجراڻي چيو ته سال 2021ع پاڪ چين ٻه طرفي لاڳاپن جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو، پاڪ چين دوستي نه رڳو حڪومتي حڪومتي سطح تي پر عوامي سطح تي به قائم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير نانگ رانگ سان ??ندس رهائشگاهه تي ??ال??ائيندي ڪيو. هن چيو ته چين سدائين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان ??و ساٿ ڏنو ۽ ٻئي ملڪ دنيا ج?? سمورن اهم فورمن تي مختلف عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکندا آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته چين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندي ۽ سي پيڪ جي ڪري پاڪستان ??طي جو معاشي حب ثابت ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ گڏيل ترقي جا بي پناهه موقعا فراهم ڪري ٿو ۽ سي پيڪ منصوبن سان ??وزگار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا ميسر ايندا. سي پيڪ جي ڪري پاڪستان ۾ تعمير ۽ ترقي جي رفتار تيز ٿي آهي ۽ پاڪستان چين دوستي مضبوط اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ آهي