اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته پرچيءَ چيئرمين بلاول، توهان ته ڏينهن ۾ جاڳندي حڪومت ٺاهڻ جا خواب ڏسي رهيا آهيو، خواب ڏسڻ تي ڪا پابندي نه آهي، بلاول، توهان وفاقي يا صوبائي حڪومت بابت سوچڻ ڇڏي ڏيو، ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جي عوام به توهان کي رد ڪري ڇڏيندي، هينئر ته زرداري جي حساب جو وقت آهي، بلاول ئي ٻڌائي ڇڏي ته سندس بابا پاڪستا?? جي ڦريل دولت ڪڏهن ۽ ڪيئن واپس ڪندو؟ سنڌ جي عوام کي ذخيره اندوزن، ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو، اربين رپي?? جي ڪڻڪ هڙپ ڪريو ٿا جڏهن پڪڙيا وڃن ته ذميواري چوهن تي وڌي وڃي ٿي. بلاول زرداري جي بيان تي ردعمل ۾ مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته بلاول ۽ زرداري پارٽي جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، هاڻي ته جيالا به سوچڻ تي مجبور آهن ته ڪهڙي ڪرپٽ پارٽي جو حصو آ??يو??، بلاول صاحب، توهان کي مشورو آهي ته سنڌ جي عوام جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان کي دنيا ڄاڻي ٿي ۽ عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ماضي جي حڪمرانن جو عالمي قيادت آڏو معذرت خواهڻو رويو هوندو هو، عمران ??ان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته اسا?? جي حڪومت جي اولين ترجيح عام ماڻهو جي ترقي آهي، ا?? جي لاءِ قدم کني رهيا آ??يو??. وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ۾ بنا ڪنهن فرق جي پوري ملڪ ۾ تعمير ۽ ترقي جو ڄار وڇائي رهي آهي. هن چيو ته بلاول کان سوال آهي ته 13 سالن ۾ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ هڪ ميگا پراجيڪٽ جو ٻڌائي ڇڏي جيڪو مڪمل ڪيو هجي، سنڌ ۾ صاف پاڻي، تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، رست?? جي تعمير سميت هر شعبي ۾ وفاق ڪم ڪندي نظر اچي رهي آهي.