اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪندو، پنجاب ۾ ميئر جون چ??نڊون سڌوسنئون ٿينديون، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي تي ڳڻتي آهي، توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهيا آهيون، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي ان پئڪيج مان سڌوسنئون فائدو ??ڻن??ي، اعظم سواتي ۽ منهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن جا نوٽيسز بي بنياد ۽ ناانصافي تي ٻڌل آه??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي ۽ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٻن بنيادي ايجنڊائن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ مهانگائي جي حوالي سان هڪ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪندو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي فائدو ??ڻن??ي. اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته اسان کي عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي تي ڳڻتي آهي. هن چ??و ته اسان توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪري رهيا آهيون. پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جو ذ??ر ڪندي هن چ??و ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چ??نڊون سنڌوسنئون ٿينديون، وزيراعظم ۽ ڪور ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته پنجاب ۾ شهرن ۽ ضلعن جي ميئرز جي چونڊ سڌوسنئون ٿيندي، وزيراعظم پهرين ڏينهن کان ڊائريڪٽ ڊيموڪريسي جو واعدو ڪيو هو، ان ڏس ۾ تياري حتمي مرحلن ۾ آهي. هن چ??و ته وزيراعظم پوري پارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته اها مقامي حڪومتن جي چونڊن جي لاءِ متحرڪ ٿئي، پنجاب جي ضلعن ۾ نامزدگي جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، اهڙي طرح خيبرپختونخواهه ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي لاءِ مهم شروع آهي. چوڌري فواد حسين چ??و ته اليڪشن ڪميشن پاران اعظم سواتي ۽ مُون کي موڪليل نوٽيسز زيادتي تي ٻڌل آهن، جنهن کي فوري واپس ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل ڳالهائيندي چيو ته اعظم سواتي ۽ چوڌري فواد حسين کي اليڪشن ڪميشن پاران نوٽيس تي پوري ڪور ڪميٽي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، جمهوري ملڪن ۾ جمهوري رويا اهڙي طرح ناهن هوندا. هن چ??و ته وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪندو.