اسلام آب??د ?? 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانس??ان جي دوري جي موقعي تي تاجڪس??ان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪس??ان ۽ تاجڪس??ان جي وچ ۾ مضبوط معاشي حصيداري جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ڪاسا 1000 منصوبي تي عمل??رآ??د جو جائزو پڻ ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪس??ان جي بندرگاهن جي ذريعي تاجڪس??ان جي لاءِ علائقائي انضمام ۽ رابطن تي روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن پاڪس??ان ۽ تاجڪس??ان ??ي افغانس??ان ۾ انساني صورتحال جي ڪر?? درپيش چئلينجز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علي چيو ته پاڙيسري ملڪ افغانس??ان ۾ عدم استحڪام جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. هن تاجڪس??ان جي صدر ??ي افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪس??ان جي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. صدر چيو ته افغان معيشت کي بچائڻ جي لاءِ افغانس??ان جا منجمند اثاثا غيرمنجمند ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سمورن افغانين جي حقن جو احترام ۽ افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته افغانس??ان ۾ امن، مفاهمت ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪس??ان ۽ تاجڪس??ان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته افغانس??ان ۾ پائيدار امن خطي ۾ واپار ۽ معاشي موقعا فراهم ڪندو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن موجوده ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.