اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين مح??د صادق سنجراڻي ٽان?? ۽ ??ير علي ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز ج?? اهلڪارن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ??لڪ دشمن عنصر ڪڏهن پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن چيو ته دهشتگرد امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته اسان ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته پوري قوم پاڪستاني فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پاڪستان جي ترقي سان ??لڪ دشمن قوتون خفا آهن، هن چيو ته دهشتگردي جا واقعا اسان جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، ??لڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون رائيگان نه وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري.