اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار عثمان ڊار چيو آهي ته ڪامياب جوان پ??وگرام تحت 50 ارب رپين جا ق??ض ڏنا ويندا، جنهن سان 40 هزار نوان ڪاروبار شروع ٿيندا، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت 3 سالن دوران نوجوانن کي 30 ارب رپين جا ق??ض ڏنا، مسلم ليگ (ن) پنهنجي 5 سالن جي حڪومتي دور ۾ نوجوانن کي 26 ارب رپين جا ق??ض ڏنا آهن. ماضي جي حڪومتن نوجوانن ۽ راندين جي سرگرمين کي نظر انداز ڪيو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هاءِ ٽيڪ اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم عمران خان سڀ کان پهرين ماحولياتي تبديلي تي ڳالهه ڪئي، حڪومت 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏنو آهي ۽ سال 2022ع ۾ نوجوانن لاءِ سڄ?? ملڪ ۾ سرگرميون منعقد ڪرايون و??ند??ون، يونيورسٽين ۾ صحتمند سرگرمين لاءِ يوٿ گرين موومينٽ جي شروعات ڪئي و??ند??، ڪامياب جوان پ??وگرام تحت 18 کان 45 سال جي عمر جو هر شهري قرض لاءِ اپلاءِ ڪري سگهي ٿو. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته سال 2021ع کان ڪامياب جوان پ??وگرام جا جيڪي منصوبا شروع ڪيا انهن جا سڀئي هدف حاصل ڪيا آهن، گذريل ٻن سالن ۾ ڪامياب جوان پ??وگرام تحت هاڻي تائين 30 ارب رپيا تقسيم ڪيا ويا ۽ 27 ارب 2021ع ۾ تقسيم ٿيا. سال 2020ع ۾ ڪورونا سبب هر طرف بندش هئي جنهن ڪري ڪامياب جوان قرض اسڪيم تي ڪم نه ٿي سگهيو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن سان واعدو آهي ته هن سال 50 ارب رپيا ڪامياب جوان پ??وگرام تحت تقسيم ڪيا ويندا. هن چيو ته سال 2023ع نوجوانن جو سال ڊڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ ڪامياب جوان پ??وگرام کان سواءِ نوجوانن جي معاملن واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي هلندڙ سال نوجوانن لاءِ سڄ?? ملڪ ۾ سرگرميون منعقد ڪرايون و??ند??ون ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته 12 آگسٽ تي نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان کي ميزباني ملي ته جيئن پ??ڪستاني نوجوانن جو اميج سڄ?? دنيا آڏو رکي سگهون.