اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته بلوچستان ۾ شهادت ماڻيندڙ 10 جوانن ۾ شامل ٻن جوانن جو تعلق جهلم ??ان آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جهلم ??ا قبرساتن انهن شه??دن جي رت جي خوشبوءَ سان مهڪن ٿا ۽ جيڪو قرض اسان جي ساهن تي هو، اهو قرض اسان موٽائي ڏنو آهي. هن شه??د جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اطلاعات واري وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذ??يل ڏينهن بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي فائرنگ سان شه??د ٿيندڙ انهن ٻن جوانن جون تصويرون به شيئر ڪيون.