اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان متحده عرب امارات تي حوثين جي ميزائل حملي جي مذمت ڪندي ان کي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وزي??اع??م ابوظهبي جي ولي عهد ۽ متحده عرب امارات جي هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر شي?? محمد بن زيد النيهان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ حوثي باغين پاران 30 جنوري تي متحده عرب امارات تي ميزائل حملي جي سخت مذمت ڪئي. هن متحده عرب امارات اپران وقت سر ۽ موثر فضائي دفاع سان قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي قدمن کي ساراهيو. وزي??اع???? متحده عرب امارات جي قيادت، عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م تازن حملن تي ڳ??تي جو اظهار ڪندي انهن کي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو. وزي??اع??م عمران خان ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ تحفظ لاءِ ڪوششن جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اعليٰ سطح تي ويجهي ۽ باقاعده مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.