اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستا?? کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، عوام خاص طور تي نوجوانن ۽ ٻار?? کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرت ۽ تعليم کان روشناس ڪرائڻ ۽ غلط ۽ صحيح ۾ فرق سيکارڻ جي ضرورت آهي، رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي ان سلسلي ۾ روڊ ميپ ڏيندي، اولهه ملڪن ۾ ڪير عوام جو پئسو چوري ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي، هتي ڪرپشن ڪندڙن تي گل نڇاور ڪيا وڃن ٿا، معاشري کي انهن مافياز جي خلاف جهاد ڪرڻو پوندو جيڪي قانون جي حڪمراني نه ٿا چاهين ۽ اين آر او جي لاءِ بليڪ ميل ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي رحمت للعالمين اٿارٽي جي مڪمل فعال ٿيڻ جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آئون اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر انيس احمد جا ٿورا مڃان ٿو جنهن اٿارٽي جو روڊ ميپ پيش ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ان اٿارٽي قائم ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ اسا?? کي جيڪو پيغام ڏنو اسا?? کي پنهنجي ٻارن ۽ نوجوان?? کي ان پيغام کان آگاهه ڪرڻو پوندو. اسا?? کي ٻار?? کي اهو سيکارڻ جي ضرورت آهي ته اسان نماز ۾ جڏهن انهن ماڻهن جي رستي تي هلڻ جي دعا ڪريون ٿا جيڪي انعام يافته آهن ته ان مان ڪهڙي مراد آهي. وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون اهي تاريخ ۾ ڪنهن ٻئي جي حصي نه آيون. الله تعاليٰ اسا?? کي پاڻ ﷺ جي تعليم ۽ نقش قدم تي هلڻ جو حڪم ڏنو. نبي ڪريم ﷺ جو رستو آسان نه هو پر اهو انسان جي عظمت جو رستو هو. جڏهن اسان اسڪولن ۾ هئاسين ته اسا?? کي اهي شيون نه پڙهايون ويون ۽ اهو نه ٻڌايو ويو ته اهي ڪهڙا اصول هئا جن تي عمل ڪري مسلمان دنيا تي ڇائنجي ويا ۽ وقت جي طاقت?? کي شڪت ڏني. ان بدران اولهه جي رستي تي هلڻ کي ترقي جو رستو سمجهيو ويندو هو. وزيراعظم چيو ته مون پنهنجي ۽ اولهه ٻنهي ثقافت?? کي اندر کان ڏٺو آهي ۽ ان جي تجزيي ۽ نبي ڪريم ﷺ جي سيرت جي مطالعي کانپوءِ منهنجي سوچ ۾ تبديلي آئي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست ۾ عدل ۽ انصاف قائم ڪيو ۽ هڪ فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ انسانن جي ڪرداسازي ڪئي. اسا?? کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته ڪيئن عرب جا مسلمان دنيا جي امامت جي قابل ٿي ويا، اصل ۾ اهو انقلاب ان ڪردار جي ڪري آيو جيڪو نبي ڪريم ﷺ جي تعليم ??يد?? ڪيو. وزيراعظم چيو ته برائي جي خلاف بيهڻ جي صلاحيت ئي ڪنهن رياست جو بنياد هوندي آهي، اولهه ملڪن ۾ ڪير سوچي به نه ٿو سگهي ته ڪنهن مقصود چپڙاسي جي نا??ي تي ڪو پئسو چوري ڪري، اهڙو شخص ڪنه?? کي منهن ڏيکارڻ جي قابل نا??ي رهندو، ڪنهن جو ڪوڙ پڪڙجي وڃي ته اهو سزا کان بچي نه ٿو سگهي ۽ معاشرو به اهڙي شخص جي عزت نه ٿو ڪري. سنگاپور ۾ حڪمران جو هڪ ويجهو شخص ڪرپشن تي پڪڙيو ويو ته ان شرم ۾ ئي خودڪشي ڪري ڇڏي، آمريڪا، جاپان، برطانيا، نيويلينڊ، آسٽريليا ۾ ڪنهن تي ڪرپشن جو ڌٻو به لڳي وڃي ته ان لاءِ زندگي مشڪل ٿي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته هتي چورن تي نيب عدالتن ٻاهران گل نڇاور ڪيا وڃن ٿا ۽ وڏا وڏا صحافي چون ٿا ته پئسو ڦري ملڪ کان ٻاهر ويٺل?? کي تقريرون ڪرڻ ڏيو ۽ وڪيل چون ٿا ته انهن جي نااهلي ختم ڪريو. وزيراعظم چيو ته معاشري ۾ جنسي ڏوهن ۽ ٻارن سان زيادتي جا واقعا وڌي رهيا آهن، استادن، عالم سڳورن سميت معاشري کي گڏجي ان جي خلاف مهم هلائڻي پوندي، اهڙن واقعن ۾ ماڻهو بدنامي جي ڊپ کان ڪيس به داخل نه ٿا ڪرائين. وزيراعظم چيو ته اسلام پردي جو تصور ڏنو آهي، اهو رڳو ڪپڙن کان پاڻ کي لڪائڻ جو نا??و نه آهي پر اهو اسان جي خانداني نظام کي محفوظ بڻائڻ جو ذريعو آهي، اولهه معاشرن ۾ خانداني نظام تباهه ۽ طلاق جي شرح ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو آهي جنهن جو اثر ٻارن تي به پوي ٿو، اسا?? کي نوجوان?? کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته رڳو حڪومت اهڙي قسم جي مسئل?? کي منهن نه ٿي ڏئي سگهي پر پوري معاشري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسا?? کي پنهنجي ٻار?? کي ماءُ پيءُ جي عزت ۽ احترام ۽ انهن جي مقام بابت آگاهي ڏيڻي پوندي ۽ انه?? کي انٽرنيٽ تي غلط مواد کان بچائڻو پوندو، رحمت للعالمين اٿارٽي ان سلسلي ۾ روڊ ميپ جوڙيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسا?? کي پنهنجي عوام کي ليڊرشپ جي اسلامي تصور کان به آگاهه ڪرڻو پوندو، نبي ڪريم ﷺ سمورن انسانن جي لاءِ رحمت بڻجي آيا، سٺا ليڊرز سدائين معاشري کي ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، انسانن جي ورڇ نا??ن ڪندا، نبي ڪريم ﷺ جو خطبو حجته الوداع انسانيت جي لاءِ هڪ عظيم چارٽر آهي، پاڪستان قائم ڪرڻ جو مقصد اسلامي فلاحي رياست جو مثال بڻجڻ هو. اسان ان طرف سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي، قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ جهاد آهي ڇو ته اسان جو مقابلو مافياز سان آهي جيڪي اين آر او جي لاءِ بليڪ ميل ڪن ٿا. معاشري کي انهن جي خلاف جهاد ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هر خاندا?? کي 10 لک رپين جي هيلٿ انشورنس فراهم ڪئي، احساس پروگرام جهڙو منصوبو ڪڏهن ڪنهن حڪومت شروع نا??ي ڪيو، فٽ پاٿ ۽ رستن تي سمهندڙن جي لاءِ پناهگاهون ٺاهيون. وزيراعظم رحمت للعالمين اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ميمبر?? کي يقين ڏياريو ته حڪومت جا سمورا لاڳاپيل ادارا اٿارٽي جي ڀرپور معاونت ڪندا.