اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏورانهن علائقن ۾ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ٽيڪس محتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته وفاقي ٽيڪس محتسب جي پهچ وڌائڻ ۽ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته ٽيڪس محتسب واپارين کي ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي جي خلاف ريليف فراهم ڪرڻ جو بهترين ڪم ڪري رهي?? آهي، وفاقي ٽيڪس محتسب ڪسٽم ۽ ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف فوري انصاف فراهم ڪري رهي?? آهي. صدر چيو ته ٽيڪس محتسب واپارين کي ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي جي خلاف ريليف فراهم ڪرڻ جو بهترين ڪم ڪري رهي?? آهي. وفاقي ٽيڪس محتسب ان موقعي تي صدر کي اداري جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ 2021ع پيش ڪئي. وفاقي ٽيڪس محتسب پنهنجي رپورٽ ۾ صدر کي آگاهه ڪيو ته سال 2021ع دوران ايف ٽي او وٽ 1816 تازيون شڪايتون داخل ٿيون جڏهن ته گذريل 333 تي باقي ڪيسز تي پڻ ڪارروائي ڪئي وئ??. ر??ورٽ موجب سال 2021ع دوران 2867 ڪيسن کي اڪلايو ويو ۽ ان دوران 88.14 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ٿيو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته محتسب 8.4 ارب رپين جي ڪليمز جو فيصلو ڪيو جڏهن ته رقم ايف بي آر متاثره ٽيڪس ڏيندڙن کي ادا ڪئي، ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت ۽ شڪايتن جي تيز حل لاءِ شڪايتن جو غيررسمي حل شروع ڪيو وي?? آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ان ڳالهه کان پڻ آگاهه ڪيو ويو ته غيرقانوني طور تي وڌيڪ سيلز ٽيڪس جي وصولي تي گاڏين جي خريدارين کي 60 ڪروڙ رپين جا فنڊ ڏنا ويا جڏهن ته واپارين جي سهولت لاءِ عالمي هوائي اڏن ۽ چمن ۽ طورخم جي بارڊر تي سهولت ڊيڪس قائم ڪيا. رپورٽ موجب واپاري ادارن ۽ انجمنن جي تعاون سان سڄي ملڪ ۾ سيمينارز ۽ آگاهي سي??نز منعقد ڪيا پيا وڃن. صدر ڏورانهن علائقن ۾ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ٽيڪس محتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.