اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، سموريون لاڳاپيل وزارتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن تائين پهچي. وزيراعظم آفي?? جي ميديا ونگ مان جاري بيان م??جب اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سر??را??ه شازيه عطا مري سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان م??قعي تي شازيه مري وزيراعظم کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، ان م??قعي تي وزيراعظم چيو ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سموريون لاڳاپيل وزارتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن تائين پهچي، وزيراعظم ٽارگيٽڊ سبسڊي لاءِ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزار?? کي ناڻي واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت سان تعاون کانپوءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جون هدايتون به ڪيون.