اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ?? آمريڪي سف??ر ڊون??ڊ بلوم آمريڪي حڪومت ۽ عوام طرفان يوم آزادي جي ڊ??ئمنڊ جوبلي تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ آمريڪي سف??ر چيو ته انهن 75 سالن ۾ ٻنهي ملڪن پائيدار شراڪتداري ۽ پنهنجي ماڻهن وچ ۾ مضبوط رشتا ٺاهيا آهن. هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته ڪهڙي طرح ان رشتي واپاري لاڳاپن کي مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي معاشي ترقي لاءِ آمريڪا بدستور پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منزل آهي ۽ گذريل مالي سال ۾ آمريڪا جي پاڪستان ?? سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.