اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي اقتصادي بحران جي ڏس ۾ شن??هائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ازبڪستان جي شن??هائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي سالياني اجلاس جي لاءِ روانو ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته شن??هائي تعاون تنظيم دنيا جي 40 سيڪڙو آبادي جي خواهشن ۽ امنگن جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي. عالمي اقتصادي بحران جي گهرج آهي ته شن??هائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل ”شنگهائي اسپرٽ“ جي عزم کي ورجائي ٿو. وزيراعظم چيو ته شن??هائي تعاون تنظيم جيو پوليٽي??ل ۽ جيو اڪنامڪ جي شعبن ۾ ٿيندڙ پريشان ڪندڙ تبديلين جي دور ۾ اڳتي وڌڻ جو رستو متعين ڪري سگهي ٿي.