نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي اڄ اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊا??ريڪٽر، ورلڊ بئنڪ گروپ جي صدر ۽ ٻين غيرملڪي شخصيتن ????ن ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي ٻئي ڏينهن به مصروف ڏينهن گذاريندو. گڏيل قو??ن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊا??ريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ ورلڊ بئنڪ گروپ جو صدر ڊيوڊ مالپس ملاقات ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ ک??ن متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ زوم ميٽنگ جي به صدارت ڪندو. وزيراعظم گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي صدر سابا ڪوروسي ۽ يورپي يونين جي صدر ارسالا وين ڊرلي اين سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم مصر پاران 27 هين سي او پي جي حوالي سان ٿيندڙ سربراهن جي بند ڪمري اجلاس ۾ به شريڪ ٿيندو. وزيراعظم فن لينڊ جي صدر سعولي ننسطو سان ٻطرفن معاملن تي ملاقات ڪندو. شام جو وزيراعظم آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪن نيچرل هسٽري ميوزيم ويندو.