نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو. وزيرا??ظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ ۾ لڳايل تصويري نمائش جو به دورو ڪندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي جي ٽئين ڏينهن وزيرا??ظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ سرگرمين سان ڀرپور هڪ ٻيو ڏينهن گذاريندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان بل گيٽس ملاقات ڪندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهچڻ تي وزيراعظم، گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻول??ه ڪندا. بعد ۾ وزيرا??ظم گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ جي لابي ۾ پاڪستان مشن پاران پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي تباهي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ لڳايل تصويري نمائش جو دورو ڪندو. ٽنپهرن جو وزيرا??ظم ايڊٿ ليڊرز ڪو ايسوسيئيٽيڊ پريس جي اي پي ٽي وي (ايسوسيئيٽيڊ پريس اي پي ٽي وي) جي لاءِ انٽرويو ڏيندو. بعد ۾ وزيرا??ظم پنهنجي جاپاني هم منصب فوميو ڪيشيدا?? بيلجيئم جي وزيرا??ظم اليگزينڊر ڊي ڪرو ۽ ملائيشيا جي وزيرا??ظم اسماعيل صابري يعقوب سان جدا جدا ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻول??ه ڪندو.