اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عه?? ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي اڄ سومر تي سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم ميڊيا آفس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض روانو ٿيندو. رياض ۾ صر??م جي دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عه?? شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ ڊگهي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ٺاهڻ ۽ پراڻن ڀائراڻن لاڳ??پن ۾ وڌيڪ بهتري جي حوالي سان مشاورت ڪ??دا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي فيوچرانويسٽمنٽ انيشيٽو سمٽ ۾ به شرڪت ڪندو.