اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان قومي سلامتي بابت اسرائيلي وزير جي مسجد اقصيٰ جي اڱڻ جي دوري جي ا??تع??ل انگيز قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مسجد اقصيٰ هڪ مقدس جڳهه آهي جنهن جو سڄي دنيا جا مسلمان احترام ڪن ٿا، ان جي تقدس جي خلاف ورزي مسلمانن جي مذهبي حساسيت کي مجروح ڪري ٿي ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ اڳ کان ڇڪتاڻ وا??ي صورتحال کي هوا ڏي ٿي. هن چيو ته اسرائيل کي گهرجي ته هو پنهنجا غيرقانوني قدم بند ڪري ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ مسلمانن جي مذهبي جاين جي تقدس جو احترام ڪري. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو، پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جنهن القدس الشريف گادي وا??و شهر هجي، جي پنهنجي مطالبي جي تجديد ??ري ٿو.