اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس انڊونيشين هم منصب رتنو مارسودي ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽرهينڊل تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي. ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران پ??ڏيهي وزير انڊونيشيا جي پاڪستان سان يڪجهتي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن جي شڪار پاڪستان جي مسلسل امداد کي ساراهيو. پرڏيهي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته هن پ??ڪستان انڊونيشيا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، عورتن جي حقن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.