اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آ??يوري ڪوسٽ جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اڊامه بڪنوگو ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پارلياماني ر??بط??، او آءِ سي، آفريقي يونين ۽ واپاري شعبي ۾ تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آ??يوري ڪوسٽ سا?? پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان آ??يوري ڪوسٽ سا?? پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. آئيوري ڪوسٽ جي اسپيڪر بهترين ميزباني تي پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.