ڪراچي – 06 – مارچ (اي پي پي) ??اڪ??تان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??اڪ??تان ??ي هندو برادري سميت سڄي دنيا ۾ هولي ملهائيندڙن کي رنگن جي ڏڻ جي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب پيپلزپارٽي جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هولي جو ڏڻ معاشري ۾ ڀائيچاري جي فروغ ۽ تلخين کي وساري اڳتي وڌڻ جي علامت آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ??اڪ??تان ??ي هندو برادري جو ملڪ جي ترقي ۽ قوم سازي ۾ سدائين فخر جوڳو ڪردار رهيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع جو آئين جيڪو ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ??هيد ذوالفقار عل?? ڀٽو جو قوم کي هڪ تحفو آهي، اقليتن سميت سمورن شهرين کي هڪ جهڙا حق ڏي ٿو. هن چيو ته هر قسم جي امتياز جو خاتمو، رواداري کي فروغ ۽ مساوات تي بيٺل معاشري جو قيام ??اڪ??تان پيپلزپارٽي جو نصب العين آهي. هن چيو ته بطور قوم جي باني وڏن جي نظريي جي واحد عل??بردار ??اڪ??تان پيپلزپارٽي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي بابت پنهنجي اڻٿڪ عزم سان گڏ بيٺل آهي.