اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رمضان المبارڪ ۾ معاشري جي ڪمزور، محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جي لاءِ احساس جو جذبو پي??ا ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ڪمزور طبقن جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انهن جو سهارو بڻج?? جي ضرورت آهي. رمضان المبارڪ 1444هه شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پي??ام ۾ صدر چيو ته رمضان المبارڪ جي بارڪت مهيني جي شروعات تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. الله تعاليٰ جي رحمت ۽ مهرباني سان اسان هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان المبارڪ جي باسعادت گهڙين مان فائدو کڻي رهيا آهيون. اهي مبارڪ لمحا جتي هڪ مسلمان جي لاءِ روحاني ۽ اخلاقي ترقي جو سامان پي??ا ڪن ٿا اتي امت جي وچ ۾ همدرديءَ، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پي??ام کڻي پڻ اچن ٿا. هي مهينو مسلمانن جي لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ترقي ۽ اصلاح جو ماحول پي??ا ڪري پنهنجي زندگين کي نئين سر بهتر انداز ۾ شروع ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي. صدر چيو ته الله تعاليٰ اسان تي روزا اهڙي طرح ئي فرض ڪيا آهن جهڙي طرح اسان کان اڳ ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا ۽ ان جو مقصد انسان کي متقي بڻائڻ آهي. روزي جي ذريعي ماڻهو جي اندر صبر ۽ استقامت جي قوت پي??ا ٿئي ٿي. رمضان المبارڪ انسان جي اندر استقلال ۽ استقامت جي طاقت پي??ا ڪرڻ، عبادت ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن موجب هڪ محتاط انداز ۾ زندگي گذار?? جي تربيت جو موقعو فراهم ڪري ٿو. جيئن ان مشق جي ذريعي پوري زندگي کي نظم ۽ ضبط ۽ الله جي حڪمن جو پابند بڻائڻ جو در?? ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته توهان ڄاڻو ٿا ته ملڪ پاڪستان هن وقت سخت ترين معاشي پريشاني ۾ ورتل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ پنهنجي اندر معاشري جي ڪمزور، محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جو احساس پي??ا ڪريون. هي طبقو سڄو سال سنگين معاشي حالتن ۾ ت??لي??، آزمائش ۽ امتحان مان گذري ٿو. اسان کي پنهنجي سگهه مان وڌي ان رمضان ۾ خاص طور تي ۽ پورو سال بالعموم ان طبقي جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انهن جو سهارو بڻج?? جي ضرورت آهي. يقينن ان نيڪ عمل جي ذريعي اسان رمضان جي مقصدن ۽ ان جو ثواب حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اسان کي رمضان المبارڪ جي برڪتن ۽ فضيلتن سان فيضياب ٿي?? جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ پاڪستان کي وڌيڪ ترقي عطا فرمائي.