اسلام ??باد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر ب??او?? ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي متحرڪ ميمبر جي حيثيت سان عالمي فورمز تي ڪم جاري رکندو. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر ??ولين هارنيس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جو هڪ متحرڪ ميمبر ملڪ آهي، ملڪ ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران گڏيل قومن پاران مدد ساراهه جوڳي آهي. ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون سميت انساني امداد تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وز??ر پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ گڏيل قومن جي ڪردار کي ساراهيو.