بغداد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري جي عراق جي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ملڪن ثقا??ي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ تي ويزا جي خاتمي لاءِ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان کان اڳ عراقي پرڏيهي و??ير ڊاڪٽر فواد حسين سان ملاقات دوران پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ گهرا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي پرڏيهي و??يرن تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيهي و??يرن جي وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن سميت تعاون جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي.