اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ريڊيو پاڪستان جي ملازمن کي رٽائرمينٽ مراعتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ادائيگي نه ڪرڻ جي ڪري ??ٽائرڊ م??ازمن جا خاندان مشڪلاتن جو شڪار آهن، ريڊيو پاڪستان جهڙي روينيو پيدا ڪندڙ اداري کي مالي وسيلن جي شديد کوٽ ڳڻتي جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب صدر چ??و ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ريڊيو پاڪستان جي 38 ملازمن کي 3 مهينن جي اندر پينشنري مراعتون ادا ڪري، ريڊيو پاڪستان کي فنڊز جي فراهمي جو معاملو اعليٰ سطح تي اٿارڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته اطلاعات واري وزارت جو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ ادائگي جي لاءِ مجاز اٿارٽي کان منظوري وٺي ۽ وفاقي محتسب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي. تفصيل موجب سيد پرويز حسين شاهه ۽ ٻين 37 شڪايت ڪندڙن محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪندڙن موجب مختلف تاريخن تي سروس تان رٽائرڊ ٿيندڙ انهن اڳوڻن ملازمن جا پينشن پيمنٽ آرڊرز جاري ٿيا پر ادائيگي نه ڪئي وئي. وفاقي محتسب ريڊيو پاڪستان پاران متاثر ملازمن کي مالي مسئلن جي بنياد تي ادائيگي نه ڪرڻ کي بدانتظامي قرار ڏيندي ريڊيو پاڪستان کي رٽائرڊ م??ازمن کي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. وفاقي محتسب موجب افسوس جو اڳوڻا ملازم پوڙهائپ ۾ پنهنجي حقن جي لاءِ رُ??ي رهيا آهن، پوڙهائپ ۾ هڪ هڪ پئسو رٽائرڊ م??ازم جي بنيادي ضرورت هوندي آهي. ريڊيو پاڪستان محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ريڊيو پاڪستان جي اپيل اڪلائيندي چ??و ته مڃيل قانون آهي ته رٽائرمينٽ مراعتون رياست پاران انعام نه آهي، رٽائرمينٽ مراعتون ملازم کي اطمينان جوڳي خدمتن جي ڪري ملندڙ حق آهي. صدر چ??و ته پينشنري فائدين جي ادائيگي نه ٿيڻ جي ڪري ??ٽائرڊ م??ازمن ۽ گهرڀاتين جون مشڪلاتون ڳڻتي جوڳيون آهن. ريڊيو پاڪستان پاڻ پنهنجي ملازمن کي رقم جي ادائيگي جي ذميواري ??سليم ڪئي آهي. صدر ه??ايت ڪئي ته اطلاعات وارو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ فنڊز جي لاءِ مجاز اٿارٽي کان منظوري وٺي.