اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان بلوچستان ني??نل پارٽي جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم بلوچستان ني??نل پارٽي جي حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا لاڳو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار کي س??راهيو. وزيراعظم ملڪي بهتري جي لاءِ حڪومت جي هر فيصلي ۾ بلوچستان ني??نل پارٽي جي حمايت تي ??ور?? مڃيا. ملاقات ۾ وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، احسن اقبال ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما پڻ شريڪ هئا.