اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آه??گي واري وزارت گستاخانا ۽ اڻوڻندڙ مواد جي حوالي سان سوشل ميڊيا جي مجرماڻي استعمال کي روڪڻ بابت مناسب آگاه?? جي سخت ضرورت کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آه?? ته معاشري جا سمورا طبقا خاص طور تي عالم سڳورا، استاد، صحافي، وڪيل، واپاري، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ ادارا ملڪ ۾ گستاخانا مواد جي روڪٿام جي مهم ۾ پنهنجو ذميواراڻو ڪردار ادا ڪن، اهڙي مواد جي خاتمي لاءِ هر حالت ۾ قانون جو رستو اختيار ڪندي ايف آءِ اي سائبر ڪرا??يم جي لاڳاپيل ٿاڻي ۾ رپورٽ داخل ڪرائي وڃي. مذهبي معاملن واري وزارت پاران جاري تفصيل موجب شرپسند عنصرن گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان جي نوجوان نسل جي اخلاق، ڪردار ۽ عقيدن کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا جي ذريعي هڪ منظم مهم شروع ڪري رکي آه??. اسان جي معاشري ۾ سوشل ميڊيا جي منفي ۽ مضر اثرن جو گهر ڪري وڃڻ پوري قوم جي لاءِ فڪر جو لمحو آه??. بي حيائتي بذات خود ناقابل برداشت آه?? پر هاڻي معاملو توهين تائين وڃي پهتو آه?? جيڪا انتهائي سنگين صورتحال آه??. وزارت موجب ملڪ ۾ انتهائي منظم طريقي سان سوشل ميڊيا جي ذريعي الله رب العزت، رسول اڪرم ، اهل بيت اطهار، امهارت المومنين، اصحاب رسول رضه، قرآن پاڪ ۽ قومي جهنڊ?? جي توهين ڪئي پئي وڃي، مقدس ترين شخصيتن جا نالا انتهائي توهين آميز انداز ۾ شايع ڪيا وڃن ٿا. ان حوالي سان تصويرون ۽ وڊيوز ٺهن ٿيون جن کي مخصوص ايپس تي ۽ مخصوص گروپن ۾ شيئر ڪيو وڃي ٿو. مذهبي معاملن واري وزارت موجب ان حوالي سان ايف آءِ اي سائبر ڪرا??يم انهن ڏوهن ۾ ملوث هيستائين جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو آه??، انهن ۾ ڊ??ڪٽرز، پروفيسرز، انجنيئرز، چارٽرڊ اڪائونٽنٽ، وڪيل ۽ زندگ?? جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو موجود آه??. وزارت موجب لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرا??يم جي جمع ڪرايل رپورٽ ۽ ليگل ڪميشن جي تحقيق موجب پاڪستان ۾ چار لک کان وڌيڪ اڪائونٽ سوشل ميڊيا تي اهڙي سنگين گستاخي ۾ ملوث آه??. سوشل ميڊيا جي ذريعي بي حيائي کي فروغ ڏنو پيو وڃي ۽ بي حيائ?? جي ذريعي نئين نسل کي گستاخ?? جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو پيو وڃي. وزارت موجب ملڪ ۾ هن وقت 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو سوشل ميڊيا استعمال ڪري رهيا آه??. اها برائي ڪيتري تيزي سان پکڙجي رهي آه?? ان جو اندازو ان ڳالهه مان ڪري سگهجي ٿو ته 2019ع ۾ 4 ماڻهن گڏجي بلاسفيمي جو گروپ ٺاهيو. 2022ع ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرا??يم انهن چئن کي گرفتار ڪري ورتو پر جڏهن اهي گرفتار ٿيا ته ان گروپ جي ميمبرن جي انگ ۾ قابل قدر اضافو ٿي چڪو هو ۽ اهو اضافو اڃا تائين جاري آه?? جنهن جو بنيادي مقصد پاڪستان ۾ فساد برپا ڪري امن امان جو مسئلو پيدا ڪرڻ آه?? ته جيئن ملڪ جي ترقي جو ڦيٿو رڪجي وڃي ۽ هن ملڪ کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪيو وڃي. وڌيڪ اهو ته مذهب ۽ مذهب کي مڃيندڙن جي وچ ۾ نفرتون پيدا ڪيون وڃن. هڪ مذهب يا م??لڪ سان هڪجهڙائي رکندڙ نال?? جي اڪائونٽ سان ان جي مخالف مذهب يا م??لڪ جي توهين منظم سازش جي ذريعي ڪئي پئي وڃي. وزارت ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موجوده حالتن ۾ والدين جي ذميواري سڀ کان وڌيڪ اهم آه??، جيڪي والدين پنهنجي ٻارن کي موبائيل، ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ جي سهولت مهيا ڪن ٿا، اهي ان ڳالهه تي به نظر رکن ته انهن جا ٻار سوشل ميڊيا تي ڇا ڏسن ٿا ڪٿي ائين نه ٿئي جو ٻار ناداني ۾ بي حيائ?? جي رستي تي هلي پوي ۽ فحش وڊيوز تان ٿيندي خدانخواسته گستاخي تائين وڃي پهچي. ان وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ضروري آه?? ته جتي والدين کي انهن حالتن کان آگاهه ڪيو وڃي اتي معاشري کي تعليم ڏني وڃي ته اهڙي مواد جي ڪهڙي طرح به تشهير نه ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي خاتمي لاءِ هر حالت ۾ قانون جو رستو اختيار ڪيو وڃي ته جيئن معاشري ۾ قانون جي حڪمراني سان گڏ اهڙي قسم جي ڏوهن جو خاتمو ٿي سگهي. ايف آءِ اي سائبر ڪرا??يم هيستائين 140 ماڻهو گرفتار ڪيا آه?? جنم ان 11 ماڻهن کي هيستائين ٽرائل ڪورٽ موت جي سزا جو فيصلو ٻڌائي چڪي آه??. 2 ماڻهن کي موت جي سزا هاءِ ڪورٽ کان به ڪنفرم ٿي چڪي آه??. سڄي ملڪ ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرا??يم جا 15 ٿاڻا آه??، انهن سمورن ٿاڻن ۾ بلاسفيمي سيل قائم ٿي چڪا آه??. مذهبي معاملن واري وزارت اپيل ڪئي ته جتي به سوشل ميڊيا تي گستاخي جو مواد نظر اچي ته ايف آءِ اي سائبر ڪرا??يم جي لاڳاپيل ٿاڻي ۾ رپورٽ داخل ڪرائين. سمورن ٿاڻن ۾ بلاسفيمي سيل ايڪٽو آه?? ۽ اهڙي درخواست تي فوري طور تي ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. گستاخي ڪندڙ ڏوهاري ڪا به ايپ استعمال ڪري رهيو هجي، ڪنهن به ويب سائيٽ تي گستاخانا مواد شيئر ڪري رهيو هجي يا ڪا وي پي اين استعمال ڪري رهيو هجي ان کي سائبر ڪرا??يم ٽيڪنالاج?? جي ذريعي ٽريس ڪري ٿي ۽ ان کي گرفتار ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪا رڪاوٽ يا مشڪل پيش اچي ته ايف آءِ اي کي قانوني ڪارروائ?? جي لاءِ 111345786 – 051 نمبر تي شڪايت داخل ڪرائي سگهجي ٿي جڏهن ته گستاخانا مواد کي بلاڪ ڪرائڻ جي لاءِ پي ٽي اي/ ايف آءِ اي سان http://complaint.pta.gov.pk/[email protected] لنڪ تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.