لاهور -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اولڊر اوين ??يس??سيئيشن جي چونڊيل عهديدارن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي مان فارغ التحصيل قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ان موقعي تي وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جون بيشڪ ملڪي تعليمي ميدان ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون آهن، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي هن ملڪ جي نمايان درسگاهه آهي جنهن وڏا ناليوارا سپوت پيدا ڪيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گورنمينٽ ڪاليج مان تعليم پرائي نڪتل شاگرد زندگي جي مختلف شعبن ۾ تعميري ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن. شرڪت ڪندڙن چيو ته اسان لاءِ فخر ج??ڳي ڳالهه آهي، ته هن ملڪ جو وزيراعظم پاڻ گورنمينٽ ڪاليج مان تعليمي يافته ??هي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ پنه??جي شاگردي واري دور ۾ ۽ استادن کي خوشگوار لفظن ۾ ياد ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اولڊر اوين ??يس??سيئيشن جي تعليمي ترقي ۽ ٻين فلاحي منصوبن ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اولڊر اوين ??يس??سيئيشن جي وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف کي يادگاري شيلڊ ۽ تصوير پڻ پيش ڪئي.