اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 13 اتحادي پارٽي?? گڏجي ڪاميابي سان حڪومت ڪئي، حڪومت ڇڏي ره??ا آهيون، ڪارڪردگي کان مطمئن آهيان، ايس آ??ي ايف سي معاشي بحالي جي حڪمت عملي آهي، ايندڙ حڪومت کي نيڪ نيتي سان ان تي عمل ڪرڻو پوندو. پي ٽي وي ورلڊ کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته جڏهن حڪومت سنڀالي ته ڪيترن ئي ??ئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو، اهڙا چئلينجز ماضي ۾ ڪڏهن به سامهون نه ره??ا، مهانگائي، معاشي خراب حالت، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، روانگي واپار، ٻاهرئين ملڪن سان لاڳاپن جهڙا گهڻ رخا چئلينجز درپيش هئا، انهن مسئلن جي گهرائي ??ي سمجهڻ ۽ پوءِ انهن کي حل ڪرڻ وڏو چئلينج هو. هن چيو ته 13 پارٽين اتحادي حڪومت سا?? گڏجي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪيون مون کي انهن پارٽين چونڊيو ۽ اهم ذميواري ڏني. مشل صورتحال ۾ اتحادي پارٽين کي عزت ۽ احترام ڏنو ۽ ڪاميابي سان حڪومت هلائي. هن چيو ته عاوم جي خدمت تي يقين رکون ٿا. اهو اطمينان جوڳو آهي ته صورتحال ۾ تيزي سان بهتري آئي آهي. هن چيو ته منصوبابندي ۽ ويزن سا?? گڏوگڏ ان تي جيئن جو تيئن عملدرآمد ڪرڻ اهميت رکندڙ آهي. ڀرپور محنت سان ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، ان جو بهترين مثال آءِ ايم ايف سان معاهدو آهي، اسان همت نه هاري. هن چيو ته حڪومت ڇڏي ره??ا آهيون، ڪارڪردگي کان مطمئن آهيون، ايس آ??ي ايف سي معاشي بحالي جو منصوبو آهي جيڪڏهن اسان ان تي هول آف دي گورنمينٽ جي سوچ سان عمل ڪيو جنهن ۾ حڪومت، پاڪ فوج، بيوروڪريسي ۽ ماهر شامل هجن، ان جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪيون ويون ته جلد ملڪي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندي، ان جي لاءِ ڀرپور محنت ۽ قربانين جي ضرورت آهي، مون کي اميد آهي ته ائين ئي ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسان امن چاهيون ٿا، ڀارت سان تڪرار حل ڪري اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا پر جيڪڏهن ڀارت مثبت ردعمل جو مظاهرو نه ٿو ڪري ته ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي، تاريخ فيصلو ڪندي ته ڪير حق تي بيٺل آهي.